سکر(بيورو رپورٽ) سکر پوليس شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جي سمورن جوابدارن کي سوگهو ناهي ڪيو، جنهن ڪري سکر جا صحافي سراپا احتجاج بڻيل آهن، شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف سکر پريس ٻاهران ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، مظاهرين جو چوڻ هو ته سکر پوليس کي خبر آهي ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل اصل قاتل دريائي ڪچي ۾ موجود آهن پر کين گرفتار ڪرڻ کان پوليس لنوائي رهي، ڇا جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ پوليس جي وس جي ڳالهه ناهي، جيڪڏهن ڪچي ۾ پوليس قاتلن تائين نه ٿي پهچي سگهي ته پوءِ سنڌ حڪومت پاڪ فوج ذريعي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنجيده قدم ڇو نه پئي کڻي، 3 مهينن جو عرصو ڪو معمولي ناهي، پر ذميوارن طرفان ڪارروائي نه ڪرڻ سبب قاتل گرفتاري کان بچيل آهن، اهڙي عمل خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران سڀاڻي 20 نومبر سومر ڏينهن تي ڪراچي سي ايم هائوس ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هڻڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ پوري ملڪ جا صحافي شرڪت ڪندا، اسان چاهيون ٿا ته  شهيد جان محمد مهر جا قاتل جلد کان جلد  گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن.