ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 72هين سالگرهه تقريب جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ ڪيڪ ڪاٽي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي لائيرز ونگ پاران ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان موقعي تي ايڊووڪيٽ اياز راجپر، ايڊووڪيٽ ريحانا نظير گجر، ظھرالدين سھتو، بابر رسول ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو. بدين ۾ ضلع ڪائونسل ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان موقعي تي چيئرمين علي اصغر ھاليپوٽو، سجاد چانڊيو، ساجده ٽالپر، عبدالغفور نظاماڻي ۽ فدا حسين منڌرو سميت عهديدارن ۽ ڪارڪن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سکر جي ارسلان اسلام شيخ شهرين سان گڏ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 72هين جنم ڏينهن تي 100 پائونڊ جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ سندس اعليٰ درجن لاءِ دُعا ڪئي، شاهپورچاڪر ۾ گل محمد ڏاهري پاران پيٽرول پمپ تي سالگرهه تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ جيالن شرڪت ڪئي ۽ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، نئون آباد ۾ ڄام ھائوس ڄام نواز علي ۾ بينظير جي سالگرهه سادگي سان ملھائي وئي، جتي ڄام ظھير، محمد علي راجپوت، چاڪر خان ملوکاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٽنڊو آدم ۾ جاويد علي شورو ۽ تاج محمد ورياهه جي ميزباني هيٺ ورياھ هائوس ۾ شھيد راڻي محترم بينظير ڀٽو جي 72 هين سالگرھه ملهائي وئي، جنهن ۾ ملڪ ذوالفقار روشن، چوڌري محمد اشرف آرائين، عبدالڪريم مري، آچر ساند ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو هڪ عالمي ليول جي مڃيل مڃايل عالمي ليڊر هئي، سندس وڇوڙي کانپوءِ خالي ٿيل خال ڀري نٿو سگهجي، محترمه پاران عوام لاءِ ڪيل خدمتون وساري نٿو سگهجن.