اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاران شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرن جون سزائون برقرار رکيون ويون، جسٽس منيب اختر 15 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ڪرنل رٽائرڊ آزاد منهاس ۽ ڪرنل رٽائرڊ عنايت الله جون سزائن خلاف اپيلون خارج ڪيون، ٻنهي اڳوڻن فوجي آفيسرن خلاف 1995 ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش جي الزام هيٺ ڪارروائي ڪئي وئي هئي، فيلڊ ڪورٽ مارشل آزاد منهاس کي سخت پورهئي سان 2 سال ۽ عنايت الله کي 4 سال قيد ۽ برطرفي جي سزا ٻڌائي هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ مان سزائن خلاف درخواستون رد ٿيڻ بعد درخواست گذارن 2016 ۾ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو، سپريم ڪورٽ 15 فيبروري تي سزائن خلاف اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.