قمبر: غلام حسين شاهه وٽ  ملڪ جي وڏين سياسي شخصيتن سميت مختلق قبيلن جا سردار ۽ نواب پڻ دعا جي سلسلي ۾ ايندا هئا  پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم شھيد بينظير ڀٽو، مير ظفرالله جمالي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،  صوبائي اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني، لياقت جتوئي ۽ ٻيا شامل آھن، سائين غير سياسي شخصيت هئڻ ڪري مختلف پارٽين جا سربراهه درگاهه تي دعا لاءِ ايندا هئا.