لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ملهائي جلسو ڪيو ويندو، جنهن کي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين صدر پاڪستان آصف علي زرداري سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا، ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي صدارت هيٺ شهداءِ ڪانفرنس هال ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻو ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي رهائش، کائڻ پيئڻ، سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جي رواني سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، ڊي آءِ جي ناصر آفتاب چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ٻاهران آيل پوليس نفري کي هر ممڪن سهولت جنهن ۾ سردي جي موسم ۾ گرم بسترا، گاڏيون ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.