اسلام آباد (بيورو رپورٽ) محترم شهيد بينظير ڀٽو جو سيڪريٽري رهندڙ برگيڊيئر رٽائرڊ امان الله فوت ٿي ويو، ڪالهه هن راولپنڊي ۾ بيمار رهڻ بعد دم ڌڻي حوالي ڪيو برگيڊيئر رٽائرڊ امان الله 1997 کان 2007 تائين محترما بينظير ڀٽو جو سيڪريٽري رهيو سندس وفات تي اڳوڻي صدر آصف زرداري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آھي ته امان الله مشڪل حالتن ۾ پنهنجو ذميواريون انتهائي بهادري ۽ ايمانداري سان انجام ڏنيون، پارٽي قيادت امان الله جي وارثن جي ڏک ۾ شريڪ آھي.