ڪراچي: سنڌ ڪابينا اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي لازوال قربانين جي اعتراف ۾ شهيد بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڊيموڪريسي اينڊ فيڊرلزم جي نالي سان نئون آزاد ادارو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ بينظير چيئرز جو نئين اداري سان الحاق ڪيو ويندو. ڪابينا مالي سال 25-2024 دوران نئين انسٽيٽيوٽ لاءِ 30 ڪروڙ رپين جي منظوري پڻ ڏني. انسٽيٽيوٽ جي قيام جو مسودو وڌيڪ بحث ۽ منظوري لاءِ اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويو. ڪابينا ڄامشوري ۾ ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي اسٽڊيز قائم ڪرڻ جي مسودي جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اداري 6 هزار کان وڌيڪ اُملهه ڪتاب ڊجيٽلائيز ڪيا آهن. ڪابينا سنڌ آءِ ٽي ڪمپني جي قيام جي پس منظر ۾ صوبائي کاتن ۾ ڪاروباري عمل جي ري-انجنيئرنگ ذريعي ڊجيٽل انقلاب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضابطن ۾ ترميم جي منظوري ڏني. آءِ ٽي ڪمپني پاران تعليمي ماهرن ۽ صنعتن جي ڀائيواري سان سائنس ليبارٽريون ۽ آئي ٽي پارڪ قائم ڪيا ويندا.