ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ٽنڊوآدم ۾ بيدردي سان قتل ٿيل افضل لنڊ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف جئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو گروپ جي اڳواڻن زاهد لغاري، حماد ناريجو، ميهرخان ۽ علي اڪبر ناريجو ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي، ان موقعي تي هنن چيو ته شهيد افضل لنڊ هڪ نجي بينڪ جو ملازم هو جنهن کي نا معلوم هٿياربندن بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن ۽ پوليس کي سي سي ٽي وي فوٽيج ملڻ جي باوجود پوليس ڪابه گرفتاري نه ڪري سگهي آھي، هنن چيو ته شهيد افضل لنڊ سنڌ جو نوجوان سرمايو هو جنهن جو قتل ڪري سنڌ جي نوجوانن کي خاموش رهڻ جو پيغام ملي رهيو آھي اسان شھيد جي قتل جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ پوليس کان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور قاتل گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.