سنڌ جي سچي شعور جو قتل ڪيو آ تو

اڄ ھڪ علمي ظھور جو قتل ڪيو آ تو

دنيا جو عيش ڇڏيو، ۽ موٽي وطن ڏي لڏيو

ھر موج مستي ٽوڙي، جيڪو پنھنجن ۾ گڏيو

پرديس ۾ به جنھن، پنھنجي ديسين کي سڏيو

اھڙي اجمل منصور جو  قتل ڪيو آ تو

اڄ ھڪ علمي ظھور جو قتل ڪيو آ تو

سنڌ منھنجي سيرت, سنڌ منھنجي صورت

مونکي ان جي ضرورت, ان کي منھنجي ضرورت

ڪھڙا ھي بغض ڪينا, ڪھڙي آھي ڪدورت

پنھنجن جي ئي غرور جو قتل ڪيو آ تو

اڄ ھڪ علمي ظھور جو قتل ڪيو آ تو

منھنجو آ پير و مرشد، جو سنڌ کي سنواري

ماروئڙن جي اڃ اجھائڻ سنڌوءَ جي لھر اڀاري

ھوشوءَ کي پاڻ ارپي، دودي کي پيو پڪاري

اھڙي سڌي منشور جو  قتل  ڪيو آ تو

اڄ ھڪ علمي ظھور جو قتل ڪيو آ تو

سردار ۽ وڏيرا! ھت تنھنجي بساط ڇاھي؟

سنڌي جي جوش جاڳيو، توکي ڇڏيندو ڊاھي

اجمل ساوند ‘حاڪم’ تنھـنجي ئي سنڌ پيو ٺاھي

اھڙي اتم  دستور  جو  قتل ڪيو آ تو

اڄ ھڪ علمي ظھور جو قتل ڪيو آ تو

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ    حاڪم علي ناريجو