اسلام آباد (م ڊ) حڪومت 25 مئي کي يوم تڪريم شهداءِ پاڪستان طور ملهائڻجو فيصلو ڪيو آهي، شهيدن جي وارثن 9 مئي واقعن جي حوالي سان قوم کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته جيڪي قومون پنهنجي شهيدن جي قربانين کي وسارينديون آهن اهي تاريخ ۾ گم ٿي وينديون آهن. سپاهي سرور شهيد جي والد چيو ته اڄ وطن جي شهيدن عزت ڪلهه به هئي، اڄ به آهي. جيڪي قومون پنهنجي شهيدن جي قربانين کي وسارينديون آهن اهي تاريخ ۾ گم ٿي وينديون آهن. سپاهي غلام دستگير شهيد جي ڌيءُ چيوته 9 مئي تي جيڪي شهيدن جون تصويرون ٽوڙيون ويون مون کي ان تي ڏاڍو ڏک ٿيو،الله بابا کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏئي. شهيد غلام دستگير جي بيواهه چيو ته ڇا اسان جي شهيدن ان لاءِ قرباني ڏني هئي ته انهن جون تصويرون ڦاڙيون وڃن؟ ميجر اياز حسين شهيد جي والد چيو 9 مئي تي جيڪو ٿيو ان جي ڪري منهنجي اکين ۾ رت جا ڳوڙها تري آيا آهن. وطن لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن جي مجسمن کي ٽوڙيو ويو، گاڏين ۽ گھرن، آفيسن کي باهيون ڏنيون ويون.