نوشهروفيروز (رپورٽر) پ پ ايم پي اي شھناز انصاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي، جتي ٻن اھلڪارن اي ايس آءِ مغل سيال ۽ پوليس ڪانسٽيبل  بدر ڀٽيءَ جا بيان قلمبند ٿيڻ کان پوءِ ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر فاطمه شهناز انصاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري حياتي کي خطرو آهي، هن چيو ته ڌمڪين باوجود امڙ جي ڪيس تان ھٿ نه کڻنداسين، عدالت مان انصاف جي اميد آهي،