ميرپورخاص: پ پ ايم پي اي ۽ صوبائي وزير هري رام ڪشوري طرفان ميرپورخاص شهر ۾ ترقياتي ڪمن جي ڄار وڇائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، هري رام چيو ته پنهنجي حڪومتي دور ۾ 3 ارب رپين جي شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي اسڪيم ميگا ماسٽر پلان منظور ڪرائي، جنهن جو ڪم هلندڙ آهي، 58 ڪروڙ جي ويسٽ جمڙائو کان 24 انچن جي لائين منظور ڪرائي، جنهن مان هڪ لک 30 هزار آبادي کي فائدو پهچندو، پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ هڪ ارب جون مختلف اسڪيمون منظور ڪرايون، جيڪي مڪمل ٿي ويون، جنهن مان شهري فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، حسين بخش مري تعلقي لاءِ 60 ڪروڙن جون اسڪيمون ڏنيون، جنهن ۾ پيور بلاڪن سميت مختلف ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، 15 ڪروڙ جو ڌار سي سي روڊ ڏنو، کاڻ ۽ پاٽيون شهر ۾ روڊن جو ڪم هلي رهيو آهي، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال لاءِ هڪ ارب رپيا منظور ڪرايو، سنڌ اسيمبلي مان ميرپورخاص لاءِ يونيورسٽي جو بل منظور ڪرايو، حيدرآباد روڊ کان کپرو ناڪي تائين باءِ پاس روڊ ڏنو.