ميرپورخاص: ميرپورخاص جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شهر جي تباهيءَ جو ذميوار چونڊيل نمائندن ۽ مقامي انتظاميا کي قرار ڏئي ڇڏيو، ايس يو پي جي ڊويزل صدر منظور ميمڻ، لالا اظهر پٺاڻ، سماجي اڳواڻ واجد لغاري، صحافي خليل احمد غوري ۽ ٻين روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته چونڊيل نمائندن جي 5 سالن دوران ميرپور خاص جا مسئلا حل ٿيڻ بدران ويتر وڌندا رهيا، شهر لاءِ بهتريءِ لاءِ اربين رپيا بجيٽ جي مد ۾ اچن ٿا پر خبر ناهي اهي ڪٿي خرچ ڪيا وڃن ٿا شهر کي هيل تائين مٺو پاڻي به ناهي ملي سگهيو، شهر اندر ڪيترائي فلٽر پلانٽ هجڻ باوجود شهري اڄ به مٺي پاڻي لاءِ سِڪي رهيا آهن، شهر جا روڊ رستا تباهه آهن، ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ٿي سگهيا.