ميرپورخاص: ميرپورخاص جو مشهور زرعي فروٽ فارم انتظامي بي ڌيانيءَ سبب اجڙي ويو آهي، فارم جي زمين تي ڪيترن ئي بااثر ماڻهن پنهنجا گهر ۽ ٻيون ڪاروباري اڏاوتون جوڙائي قبضا ڪري ڇڏيا آهن، سندن خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويو، پراڻ ڍوري تي قبضا ٿيڻ ڪري هر برسات ۾ شهر  ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿا، پر حڪومتي عرصي دوران قدرتي لنگهن تان قبضا ختم نه ڪرايا ويا.