ميرپور خاص: ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو رکندڙ شهر جا قبرستان به مسئلن جو شڪار بڻيل آهن، شهر جي مختلف قبرستانن فوجي قبرستان، اسماعيل شاهه، اميدن ڀريو، احمد محمد شاهه، ريلوي قبرستان ۽ مائي ٻڍڙي قبرستان سميت اڪثر قبرستانن اندر مزارون ميسارجڻ لڳيون، ڪيترن ئي قبرستانن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل هجي ٿو، پر ان باوجود به هيل تائين ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، هن وقت قبرستانن اندر موالين جا اڏا قائم ٿي ويا آهن، درگاهه صابو شاهه ۽ درگاهه مجيد شاهه بابا قبرستان سميت اڪثر قبرستانن اندر ڪا به چوديواري نه هجڻ ڪري جانور مُردن جو ماس پٽي رهيا آهن.