حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو جي حيدرآباد جي الڪيٽرانڪ ميڊيا جي صحافين سان غير رسمي ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيئر ۽ حيدرآباد جي ناليوارن صحافين کان تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي ميئر حيدرآباد ڳالهائيندي چيو ته لطيف آباد جي عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ پ پ حڪومت پاران تازو ئي 6 ايم جي ڊي حسين آباد فلٽر پلانٽ جو بنياد رکيو ويو آهي جڏهن ته لطيف آباد جي صاف پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي پهرين ترجيحي شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ، نيڪال نظام بهتر ڪرڻ، رستن جو ڄار وڇائڻ، اسٽريٽ لائيٽس، صفائي سٿرائي ۽ حيدرآباد جي خوبصورتي آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ نياز اسٽيڊيم جون رونقون بحال ڪرڻ لاءِ پي سي بي سان ڳالهايو آهي. راڻي باغ بابت هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پاران حيدرآباد جي عوام کي تفريح سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ راڻي باغ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.