لاهور / نئين دهلي (م ڊ) پاڪستان ۽ هندستان پنهنجي شهرين جي وطن واپسي کانپوءِ واهگه ۽ اٽاري سرحد بند ڪري ڇڏي. ٻنهي ملڪن جي عوام جو چوڻ آهي ته سياست خاطر ٻن ملڪن جي عوام کي هڪٻئي کان الڳ ڪرڻ وارو ڪنهن جو دوست نٿو ٿي سگهي، پاڪستان ۽ هندستان ڪالهه رهيل ماڻهن جي واپسي لاءِ خاص طور تي بارڊر کوليا ڪو انڊيا ته ڪو پاڪستان شادين تي آيل هو ته ڪو وري پنهنجي عزيزن سان ملڻ لاءِ سفر تي هو. سڄو ڏينهن پاڪستاني شهري واهگه بارڊر تي هندستان ۾ رهجي ويل پنهنجن جي واپسي جي انتظار ۾ رهيا، جيڪي هندستاني شهري واپس ويا اهي پاڪستان جي مهمان نوازي جا گيت ڳائيندا رهيا. پاڪستاني سفارتخاني جا ماڻهو ڪالهه صبح سوير واهگه بارڊر جي رستي پاڪستان پهتا جڏهن ته هندستاني سفارتڪارن جي سامان سان ڀريل 7 ڪنٽينرز به هندستان روانا ڪيا ويا.