ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان چيو آهي ته سنڌ حڪومت سولين (عام شهرين) جي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل بابت سپريم ڪورٽ ۾ ڪا اپيل داخل ناهي ڪرائي، ترجمان جو چوڻ آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ حڪومت ملٽري ڪورٽن ۾ سولين جي ٽرائل لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي.