ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي 6 نون ڪئنالن جي اڏاوت واري فيصلي کي انساني حقن جي لتاڙ قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ سميت پوري ملڪ جي رھواسين کي آئيني حق ڏنا وڃن، جڏهن ته  جمھوري قدرن کي اجاگر ڪيو وڃي ،ڪالھه  هيومن رائٽس ڪميشن پاران  ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل  سيمينار کي خطاب ڪندي ايچ آر سي پي سربراهه اسد اقبال بٽ  چيو ته اسان وٽ شهرين جا آئيني ۽ قانوني حق ضبط ڪري ملڪ کي نجي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، انٽرنيٽ جي بندش کان وٺي عام شهرين ۽ نوجوانن جي گمشدگي ملڪ کي انساني حقن جي پائمالي ڪندڙن ۾ شامل ڪرائي ڇڏيو آهي، ليکڪ  پروفيسر توصيف احمد چيو ته جمهوري شهري حقن لاءِ  ميڊيا جي آزاديءَ بنيادي حيثيت رکي ٿي، هتي  ميڊيا تي ڪنٽرول ڪري انهي جي معاشي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي،  هاڻي ادارا پنهنجي مرضيءَ سان اخباري سرخيون لڳرائين ٿا، هنن  ٽي وي نيوز چينلن کي کي به پنهنجو ماتحت ڪري ڇڏيو آهي، اهڙا عمل عالمي انساني حقن جي چارٽر ۽ ملڪي آئين جي ڀڃڪڙي آهن، نامياري ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته سنڌو درياءَ مٿان لڳندڙ ڌاڙا عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي سان گڏ سنڌ جي ماڻهن، ماحوليات، جيت جڙن ۽ انڊس ڊيلٽا جي قتل برابر آهن، حڪمرانن ورلڊ بينڪ جي پئسن سان سنڌ خلاف منصوبا جوڙيا آهن، سنڌو مان نڪرندڙ 6 مان 4 ڪئنالن تي تيزيءَ سان ڪم هلي رهيو آهي، هن چيو ته چولستان ڪئنال ٺهڻ بعد ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾  ٺٽو ۽ بدين شهر مٽجي ويندا. سماج سڌارڪ سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته سنڌ پوليس ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کان وٺي سکر جي زنگيجي نوجوان جي عدالت کان مٿانهين قتل ۾ ملوث آهي، سنڌ حڪومت انهن پوليس آفيسرن خلاف ڪوبه قدم نٿي کڻي، هن چيو ته سنڌ ۾ انتها پسندي وڌائڻ واري پاليسي ختم ڪئي وڃي، سيمينار کي سماج سڌارڪ سورٺ لوهار، بلوچ اڳواڻ  سمي دين بلوچ، پشپا ڪماري، روماسا چانڊيو، قمر الحسن، قاضي خضر حيات، مھناز رحمان ۽ ٻين خطاب ڪيو.