ميرپورماٿيلو (ن پ ا) شهريار شر حملو ڪيس، گرفتار جوابدار اڳوڻو ايس ايچ او شڪور لاکو جي جان کي خطرو، پوليس کيس عدالت ۾ پيش نه ڪيو، ايس ايس پي ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، خبر موجب شهريار شر حملي ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻو ايس ايچ او شڪور لاکو کي حملي جي خطري سبب عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، جڏهن ته ڪچي ضمانت ٿيل جوابدار احمد خان سيلرو جي جان کي پڻ خطرو ڄاڻايو ويو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو ٿريٽ الرٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته ٻنهي جوابدارن مٿان حملي جو خدشو آهي، اهڙي خط بعد پوليس عدالت کي آگاهي ڏني ۽ ٻنهي جوابدارن کي پيش ٿيڻ کان آجو قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي، ايس ايس پي عدالت کي ليٽر لکي آگاهي ڏني ته ڏوهارين طرفان جوابدارن شڪور لاکو ۽ احمد خان سيلرو مٿان رستي ۾ حملي جي پلاننگ ڪئي وئي آهي، جوابدارن مٿان حملو ٿي سگهي ٿو، ان ڪري هنن کي پيش نه ڪيو ويندو، ايس ايس پي گهوٽڪي جي ٿريٽ الرٽ کان پوءِ عدالت طرفان ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.