ڪراچي (شوبز نيوز) عالمي شهرت يافته پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي شهرت کان ڊڄان ٿي ته الله تعاليٰ کي ڪهڙو جواب ڏيندس؟اداڪارا هن سال جي شروعات ۾ بي بي سي ايشيا کي هڪ انٽرويو ڏنو هو، جنهن جي هڪ وڊيو ڪلپ سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن ذهني صحت بابت کليل نموني ڳالهايو هو.هڪ سوال جو جواب ڏيندي اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽن بابت ڳالهائيندي چيو ته مان چاهيان ٿي ته هرڪو خوش هجي، جيڪڏهن ڪنهن کي ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ته ان کي ڪيئن حل ڪيو وڃي هو پنهنجو مسئلو ڪنهن سان شيئر ڪري سگهي ٿو؟ ڇو ته ذهني صحت بابت ڳالهائڻ هاڻي ممنوع نه سمجهيو ويندو آهي.مان نه ٿي چاهيان ته ڪنهن ٻئي کي ان جدوجهد مان گذرڻو پوي جنهن مان آئون پاڻ گذريس. هڪ ڊگهي وقت تائين، ذهني صحت بابت ڳالهائڻ ممنوع سمجهيو ويندو هو.هانيا عامر چيو ته مان هميشه چوندي آهيان ته مان ڊڄان ٿي، سڀاڻي الله تعاليٰ کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس؟ جيڪڏهن اهو مون کان پڇي ته ڇا مان چوندس ته مون ڪجهه فلمون ڪيون آهن ۽ تمام گهڻو ڪمايو آهي؟ هن اهو به چيو ته اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي، مان اهڙي ناهيان، مان ڪوشش ڪريان ٿي ته ماڻهن کي کلايان ۽ منهنجون سوشل ميڊيا پوسٽس ماڻهن کي کلائين.