شهدادڪوٽ ۾ گم ٿي ويل نينگر جو لاش گٽر نالي مان هٿ

0
17
شهدادڪوٽ ۾ گم ٿي ويل نينگر جو لاش گٽر نالي مان هٿ
شهدادڪوٽ ۾ گم ٿي ويل نينگر جو لاش گٽر نالي مان هٿ

شھدادڪوٽ(رپورٽر) شھدادڪوٽ جي مستوئي محلا ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان 24 ڪلاڪن کان گم ٿيل 8 سالن جي نينگر انس بروھي جو لاش سندس پاڙي مان گٽر نالي مان ھٿ ڪيو ويو، اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پھچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتي وارثن پاران پوسٽ مارٽم لاءِ  انڪار ڪيو،  جنهن کان پوءِ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان موقعي تي ڊاڪٽرن توڙي پوليس جو چوڻ هو ته ظاهر ٿورو ته نينگر گٽر  نالي  ۾ ڪري ٻڏي ويوآهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.