شهدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ جي بوائز ڊگري ڪاليج جي پلاٽ تي قبضي ڪرڻ خلاف ڪاليج جي پروفيسرن ۽ شھر جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪري سنڌ پريس ڪلب اڳيان پھچي ڌرڻو هنيو، پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو، شهري اتحاد صدر ڪامريڊ وهاب پندراڻي، حيات تنيو، نظير ڀٽي ۽ ٻين چيو ته بااثر قبضا مافيا هڪ ڀيرو ٻيهر ڊگري ڪاليج جي پلاٽ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو وڃي.