شھدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ جيئي سنڌ رهبري ڪاميٽي طرفان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي حبدار ميرجت، آغا ڪالاڻي، معتبر چانڊيو، ثاقب رضا ڀٽي ۽ ٻين چيو سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته قومي ڪارڪنن جي گرفتاري ظاهر ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ انساني حقن جي لتاڙ بند ڪئي وڃي.