شهدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بگو روڊ تي ٻارڙن جي ڳالهه تان بروھي ۽ مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران گوليون، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 18 ماڻهو زخمي ٿيڻ کان پوءِ شهرين پاران جهيڙي کي ختم ڪرائڻ لاءِ غيبي خان مغيري جي اڳواڻي ۾ ڌرين ڏي ميڙ منٿ قافلو وٺي وڃڻ باوجود ڇڪتاڻ ختم نه ٿي،بروهي برادري پاران رياض بروهي جي فرياد تي پوليس مگسي برادري جي 17 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو، جوابدارن ۾ اڪرم مگسي، ميرل مگسي، عبدالجبار، اصغر، گل حسن، عامر مگسي، نظام، عبدالحق، اصغر، نذير، سجاد، منظور، امتياز، نبي بخش،  عبدالغني، مير حسن، علي جان ۽ احمد شامل آهن.