شهدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ وياجين کان تنگ اچي هوٽل جي پورهيتن پاران وياجين جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري وياجين خلاف نعريبازي ڪري تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي .ان موقعي تي متاثر ٿيل پورهيتن نادر علي سيلرو شمن علي سيلرو نعيم عباسي طاهر سيلرو شمس الدين سيلرو غلام سرور سيلرو نيئر سيلرو سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شهدادڪوٽ ۾ بااثر وياجين جو گروه آهي جن گذريل ٻن سالن کان اسان جي ڀاء حاڪم علي سيلرو کي وياجين پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي لکين رپيا ڏيئي هاڻي ڏيڍ ڪروڙ رپيا گهري رهيا آهن هن وقت اسان جو ڀاءَ حاڪم علي سيلرو وياجين جي خوف کان شهدادڪوٽ شهر ۽ گهر ڇڏي لاپتا ٿي ويو آهي هاڻي بااثر وياجي روزانو منهنجي هوٽل تي اچي وياج جا ڪروڙين روپيا گهري تنگ ڪري رهيا آهن پئيسا نه ڏيڻ تي هوٽل مٿان قبضي ڪرڻ سميت موتمار مار ڌمڪيون پڻ ڏيئي رهيا آهن .متاثرن آئي جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.