شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ اوباش نوجوانن پاران شهر جي مصروف ترين ڪوٽو موٽو چوڪ تي موٽرسائيڪل جي ون ويلنگ ڪرڻ تان پوليس پاران منع ڪرڻ ته نوجوانن جي ٽولي پوليس جي ٽن اهلڪارن کي مارڪٽ ڪئي، تشدد ۾ پوليس اهلڪار ڪامران چانڊيو، ثناءُ الله ڀٽي سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف اي سيڪشن ٿاڻي تي 9 سڃاتل سميت 34 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.