شهدادڪوٽ (رپورٽر) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽانوري شاخ لڳ 3 نامعلوم ٿياربند ذوالفقار ڀٽي کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ 30 هزارروپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي طرف شھر جي ڪمبوهه محلي مان نامعلوم ڦورو شھري عبد الله ڪمبوهه کان موبائل فون ڦر ڪري ورتو.