شھدادڪوٽ (رپورٽر ) شھدادڪوٽ پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب اي سيڪشن ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي حد ۾ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران دوست علي روڊ تي جوابدار عاشق علي بروهي کي ٽي ٽي پسٽل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ سيلرا سم شاخ وٽان مبينا مقابلي دوران راڻو پهنور کي پڻ زخمي حالت ۾ ٽي ٽي پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، پوليس موجب ٻئي جوابدار ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن، سندن مٿان 11 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن.