شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) شهدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بگو روڊ تي واقع عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ  ۾ ڳوٺ چاڪر سلطان رڏ جي رھواسڻ جنت خاتون زال ڀائي خان رڏ کي بخار سبب وارث عطائي ڊاڪٽر حسن علي  بروھي وٽ وٺي آيا.مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري جنت خاتون رڏ فوت ٿي وئي.منٺار رڏ ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ماسي مسمات جنت کي ڊاڪٽر حسن علي بروھي جي ڪلينڪ تي بخار جي دوا وٺڻ لاءِ وٺي آيس. عطائي ڊاڪٽر حسن علي بروھي غلط انجيڪشن ھڻي منهنجي خوش چڱي ڀلي ماسي جنت کي ماري خون ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي. جنت رڏ فوت ٿيڻ بعد عطائي ڊاڪٽر علي حسن بروھي پنهنجي ڪلينڪ ڇڏي فرار ٿي ويو آهي . واقعي جو اطلاع  اي سيڪشن پوليس کي ڏنو ويو آهي.جنت 6 ٻارڙن جي ماءُ ھئي سندس مڙس ڪجهه وقت اڳ فوت ٿي ويو آهي. عورت جو مڙھ ڳوٺ چاڪر سلطان رڏ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو آهي.