شھدادڪوٽ (رپورٽر)  شھدادڪوٽ ھاءِ اسڪول جي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش خلاف استاد ۽ شھري اي سيڪشن ٿاڻي تي پھچي ويا، استادن جو چوڻ هو ته بااثر ھٿياربند ماڻھون وٺي اسڪول جي پلاٽ تي پھتو آھي ۽ اسڪول جي چوديواري جو ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏئي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.