شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾هٿياربندن آٽوز جي دڪاندار جهانگير پٽ محمد اشرف ڪمبوهه کي گوليون هڻي سخت زخمي ڇڏيو، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف  دڪاندار کي زخمي ڪرڻ ۽ بدامني خلاف ڪمبوهه برادري جي ماڻهن پنهنجو ڪاروبار بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو آهي .مظاهرين مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.