شھدادڪوٽ(رپورٽر) شھدادڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد علي آباد محلي جي رهواسين شيخ برادري جي مردن توڙي عورتن پاران صدام شيخ ، نياز شيخ ، عجيبان شيخ ،غزالا شيخ ۽ ٻين پاران قرآن پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . مظاهرين پريس ڪلب پهچي ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته محلي واسي بااثر مردن جي غير موجودگي ۾ اسان جي گهر ۾ داخل ٿي زبردستي عورت سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، عورت جي رڙين تي وحشي صفت انسان فرار ٿي ويو ، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اهڙي اطلاع بي سيڪشن ٿاڻي تي ڏيڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي ، ويتر اوباش وحشي مبينا طور ناجائز تعلق رکڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.