شھدادڪوٽ(رپورٽ: ايم اسحاق بوزدار) شهدادڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽانوري شاخ ڀرسان ٺارو شيخ ڪالوني ۾ ڀائرن وٽ پناهه وٺندڙ 45 سالن جي شاهده کهاوڙ زال محب مالهاڻي کي پراسرار نموني قتل ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي ليڊي ڊاڪٽر ٻڌايو ته عورت کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتولا عورت ڪجهه ڏينهن اڳ قمبر جي وومين سيف هائوس ۾ پناهه ورتي هئي، جنهن کي قمبر جي عدالت جي معرفت ڀائرن ڏانهن وڃڻ لاءِ رضامندي تي کين ڀائرن حوالي ڪيو ويو هو،ٻي طرف ايس ايچ او بي سيڪشن اوشاق شر  ٻڌايو ته عورت جي ڀاءُ فتح محمد کھاوڙ موجب ته اسان جي سئوٽن گهر ۾ داخل ٿي ڀيڻ شاهده کھاوڙ کي قتل ڪيو آهي، هوڏانهن علائقي ۾ چئو ٻول آهن ته مقتولا عورت ڀائرن هٿان قتل ٿي آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.