شهدادڪوٽ(رپورٽ: ايم اسحاق بوزدار) شھدادڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد حسراڻي پيٽرول پمپ جي سامهون خالي پيل پلاٽ ۾ نوجوان جو ڌڙ سسي کان ڌار لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي گل محمد ولد مير محمد چانولي طور ڪئي وئي، جيڪو باقرآباد محلي جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو، مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي والد پيرسن مير محمد چانولي ٻڌايو ته منهنجي پٽ گل محمد کي سندس ڀيڻيوي سميت ٻين جوابدارن سان گڏجي  بيدري سان ڇرين جا وار ڪري ذبح ڪري سر ڌڙ کان ڌار ڪري قتل ڪري واقعي بعد فرار ٿي ويا آهن،هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف بي سيڪشن پوليس ٻڌايو آهي ته مقتول گل محمد چانولي کي سڱاوتي تڪرار تان سندس مائٽن قتل ڪيو آهي.