شھدادڪوٽ) رپورٽر( شھدادڪوٽ 110 رائيس ملز جي مزدورن پاران اجرت نه وڌائڻ خلاف رائيس مل مالڪن خلاف ليبر ھال آڏو غلام جان بروھي گل جان بلوچ غلام علي بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي  پورهيتن جو چوڻ هو ته جيستائين اسان جي مزدوري  نه وڌائي ويندي، اوسيتائين رائيس ملن تي ڪم نه ڪنداسين، هنن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته اسان جي اجرت وڌائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.