شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٽن سالن کان ھلندڙ خوني تڪرار جو فيصلو غلام رباني چانڊيو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنھن ۾ قتل ٿيل پوليس جمعدار مختيار ڀٽي جي خون جو 60 لک رپيا ۽ زخمي نواب ڀٽي جي گھر تي چڙهائي ڪرڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا 30 لک رپيا ڳھڻي ڀٽي جي ڌر مٿان ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ٻي پاسي ڳھڻي ڀٽي جي پٽ نظام ڀٽي کي قتل ڪرڻ جي چٽي اختيار ڀٽي جي ڌر مٿان 50 لک رپيا ۽ ذوالفقار ڀٽي کي زخمي ڪرڻ جي 10 لک رپيا چٽي مقرر ڪئي وئي، ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور ھڪ ڪروڙ پنجاھ لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو.