شهدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ همراهه جي پوليس کي ڌمڪين واري وڊيو وائرل، گل جان عرف منڊو جتوئي پاران سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ڪري ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد سميت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته منهنجي گهر جون گرفتار ڪيل عورتن کي آزاد نه ڪيو ويو ته سري عام قمبرشهدادڪوٽ ضلعي ۽ جيڪب آباد ضلعي مان ماڻهو اغوا ڪندس ۽ پوليس وارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندس،منڊو جتوئي وڌيڪ چئي رهيو آهي ته چار 4 ڏينهن اڳ ۾ گرگيجن جا 2 ٻارڙا قتل ٿيا، ا ايس ايس پي جيڪب آباد منهنجي گهر مٿان ريٽ ڪرائي منهنجي عورتن کي گرفتار ڪري کڻي ويو، هن چيو ته انهي گرفتار ٿيل عورتن کي نه ڇڏيو ويو ته گرگيجن جي عورتن کي اغوا ڪري کڻي ويندس ۽ هاڻي ذات گرگيج سان منهنجو جهيڙو آهي.منڊو جتوئي وڊيو ۾ ڌمڪي ڏني ته مان گرگيجن جي گهرن ۾ گهڙي گرگيجن جي عورتن کي اغوا ڪري کڻي ويندس.