شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ ڪرم خان محلا جي رھواسي بروهي برادري جي عورتن ۽ مردن پاران اي سيڪشن پوليس جي ظلم ۽ زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، اعظم بروھي، ميرحسن بروھي، اظھر بروھي، مسمات ناديا بروهي، نورجھان بروهي، خالد بروهي ۽ ٻين چيو ته اسان پوليس اھلڪار سيد گداحسين شاھ جي قتل ۾ ملوث ناهيون، پوليس بنا جواز اسان جي 6 گهرڀاتين  12 سالن جي ڪرن بروهي ، 15 سالن جي وزيران بروهي ، اڪبر بروهي ، سيف الله ۽ مير بروهي کي گرفتار ڪري غائب ڪري ڇڏيو آهي، معاملي جي جاچ ڪرائي ماڻهو آزاد ڪرايا وڃن.