شهدادڪوٽ(رپورٽر) سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، دوائن جي کوٽ، گوسڙو ڊاڪٽرن، مريضن کي علاج جون سهولتون نه ملڻ خلاف اسپتال بچايو جدوجھد ڪاميٽي پاران 54 ھين ڏينھن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، ذوالفقار مگسي، وارث کوسو، فاروق چاوڙو، فيض بروهي، سڪندر سومرو، اسد سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سرڪاري اسپتال م بنيادي سھولتن جي کوٽ آھي، مريضن سان ڊاڪٽرن جو رويو صوبيدارن جھڙو آھي، هنن چيو ته ڪرپشن ڪري اداري کي تباهه ڪيو ويو آهي، صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن.