شھدادڪوٽ(رپورٽ: امير علي مڱڻهار) شھدادڪوٽ کيرٿر ڪئنال جي کاٽي جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو، 87 ڪروڙ جو ٽينڊر ڪرائي زيرو پوائنٽ کان هڪ سئو آر ڊي تائين کاٽي جو ڪم ڪرائڻو ھو، جيڪو مٿان مٿان کاٽي مشين سان رھڙا ڏيارائي کاٽي جو ڪم مڪمل ڏيکاري انجينئر سيف الله مگسي برانچ پنھنجي من پسند ٺيڪيدار کي 8 ڪروڙ رپين جي پيمنٽ ڪري ڇڏي، شھري سراپا احتجاج بڻجي ويا، ان حوالي سان شهرين ۽ آبادگارن حبدار ميرجت، نصير سيلرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان وٽ ڪو به کاٽي جو فائدو نه ٿيو آھي ھن وقت تائين اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي ناهي، پکي، جانور ۽ انسان اڃ مرڻ تي مجبور آھيون، کيرٿر ڪئنال جي کاٽي جو ڪوبه فائدو نه ٿيو آھي، انجينئر سيف الله مگسي برانچ ۽ ٻيا ايريگيشن جا وڏا عملدار ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪري پئسا کڻي ھليا ويا آھن، اسان وٽ واٽر سپلاءِ ۾ پاڻي ڪونھي جو اسان ڪنهن فوت ٿيل ماڻهو کي غسل ڏياري سگهون، ھي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪري ويا آهن، اينٽي ڪرپشن ۽نيب کيرٿر ڪئنال جي کاٽي جي زيرو پوائنٽ کان هڪ سئو آر ڊي تائين ٿيل ڪم جي جاچ ڪرائي وڃي. ٻئي طرف رابطي ڪرڻ باوجود ٺيڪيدار ۽ انجنيئر سان رابطو نه ٿي سگهيو.