شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) شھدادڪوٽ ۾ ٻارھن ڪلاڪن ۾ پنج ڦر جون وارڌاتون ٿي ويون، ڳوٺ ميڻا ۾ اسم ميڻو جي گھر مان ھٿياربند مينھن چورائي ويا، ڳوٺ مٺا خان لاڙي وٽان ھٿياربند امداد مگسي کان موبائيل فون ڦري ويا، باقرآباد محلي مان ھٿياربند سيلرا برادري جي نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦري ويا، واپاري علي مرتضيٰ ميڻو کان ڊگري ڪاليج جي در کان موبائل فون ۽ 7 ھزار روڪ ڦرجي ويا، ميرو خان روڊ تان شھزاد مگسي کان ھٿياربند فون ڦري ويا، ٻي طرف متاثرن علي مرتضيٰ ميڻو، محمد ملوڪ، کوسو، نادر ڀٽي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.