شھدادڪوٽ (رپورٽر) خضدار_ شھدادڪوٽ ايم ايٽ روڊ تي ٽرانسپورٽرن طرفان شاميانا ھڻي وينون بيهاري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته جسيتائين روڊ جو مرمتي ڪم نه ٿيندو سندن احتجاج جاري رهندو، احتجاج ڪندڙن چيو ته اين ايڇ اي جا عملدار سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ روڊ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ھليا ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته روڊ ٺهرايو وڃي.