شھدادڪوٽ(رپورٽر) شھدادڪوٽ ڀرسان تيز رفتار موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي،  قبو باءِ پاس تي موٽرسائيڪل روڊ تي بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار 45 سالن جو عبدالستار بروهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس پٽ امتياز زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو،