شھدادڪوٽ (رپورٽر) قبي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ علي جان مگسي ۾ ڪارنھن الزام هيٺ سئوٽ پنھنجي سئوٽ شانل مگسي ۽ ڪارنھن الزام هيٺ آيل نوجوان رجب مگسي کي ڪھاڙي جا وار ڪري ٻنھي ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار محراب مگسي ڪھاڙي سميت فرار ٿي ويو، اطلاع تي قبو پوليس پھچي لاش کڻائي قبو اسپتال پهچايا، پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ بلوچستان ڏي ويندڙ رستن تي ناڪابندي ڪري ڇڏي، ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي پڻ چيڪنگ ڪري پوءِ ڇڏيو پيو وڃي.