شھدادڪوٽ (رپورٽ: اميرعلي مڱڻهار) بلوچستان جي خضدار-شھدادڪوٽ روڊ تي ونگون جبل جون ڇپون ڪرڻ ڪري سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ روڊ بند ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاسي ويون، ڦاٿل مسافرن گل حسن بروهي، رفيق باريجو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان صبح 5 وڳي کان ٻارين ٻچين ڦاٿل آهيون پر ڪو به ضلعي انتظاميه جو ماڻهو پٿر ۽ ڇپون هٽائڻ ناهي پهتو، هوڏانهن ٽائيم نيوز تي خضدار شھدادڪوٽ جي ونگون جبل جون ڇپون ڪرڻ ڪري روڊ بند ٿي وڃڻ جون خبرون ھلڻ کان پوءِ ضلعي جھل مگسي انتظاميا جي عملدارن پھچي روڊ کولرائي ڇڏيو ۽ ٽريفڪ بحال ڪرائي ڇڏي، مسافرن پاران ٽائيم نيوز جا ٿورا پڻ مڃيا ويا.