حيدرآباد(بيورو رپورٽ) شهداد ڪوٽ واسي رٽائرڊ سرڪاري ملازم کي 6 پٽن وساري ڇڏيو، پيرسن پيءُ دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور، عدالت کان انصاف جي گهر. شهدادڪوٽ جي ڳوٺ حاجي بوهڙ خان بروهي جي رهواسي گڊو ٿرمل جي رٽائرڊ ملازم پيرسن ولي محمدبروهي حيدرآباد پهچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته کيس 6 پٽن جو اولاد آهي پرسڀ پٽ نافرمان ٿي ويا آهن. هن سڄي زندگي محنت مزدوري ڪري اولاد کي پڙهائي لکائي جوان ڪيو ۽ کين منزل تي پهچايو پر هاڻي پٽن مان ڪوبه سندس سار سنڀال لهڻ لاءِ تيار نه آهي.سندس 6 پٽن ۾ محمد حسين، محمد صديق، محمد صادق، محمد امين، محمد عثمان ۽ محمد نصير شامل آهن. اولاد هوندي به هو دربدر واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. هن چيو ته مال ملڪيت سڀ پٽن ۾ ورهائي ڇڏي آهي. ملندڙ پينشن تي سندس گذارو آهي. پئسا نه هجڻ ڪري هو گهر ۾ ڪو نوڪر به نه ٿو رکي سگهي. پيرسني سبب هو اڪيلائي سبب سخت پريشان آهي. هن اعلا اختيارين کي اپيل ڪئي ته ماء پيء کي پيرسني ۾ نه سنڀاليندڙ اولاد خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽کيس تحفظ ۽ مدد فراهم ڪئي وڃي.