شهدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف اسپتال بچايو جدوجھد ڪاميٽي پاران 36 ھين ڏينھن به ڪامريڊ حيات تنيو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج جاري رکندي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، اڳواڻن ذوالفقار مگسي، فاروق چاوڙو، فيض بروهي، سڪندر سومرو، سجاد بوجاڻي ۽ ٻين مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي اسپتال ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.