شھدادڪوٽ (رپورٽر ) شھدادڪوٽ جي ايڊيشنل سيشن جج سھيل احمد جتوئي پاران ڊي ايف سي فوڊ قمبرشھدادڪوٽ الطاف مگسي سميت ٽن فوڊ انسپيڪٽرن جنهن ۾ محمد حسين مگسي محمد اسحاق مگسي فوڊ انسپيڪٽر تيمور کوسو مٿان اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر قمبرشھدادڪوٽ کي انڪوائري ڪري مٿس ايف آء آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي . عدالت اھڙو فيصلو اطھر علي کوسو جي درخواست تي ايڊوڪيٽ صدام حسين کوسو جي معرفت داخل ڪرايل درخواست تي ڏنو آهي .  درخواست گذار اطھر علي کوسو عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ ڄاڻايو ھيو ته مان آبادگار آهيان مان بار بار سجاول جوڻيجو تعلقي جي فوڊ انسپيڪٽر تيمور کوسو ڏانهن ويس پر مون کي بارداڻو نه ڏنو ويو جنهن کان پوء اھڙو درخواست مان پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ صدام حسين کوسو جي معرفت شھدادڪوٽ جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ھئي، درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.