شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) پيپلزپارٽي کي شھدادڪوٽ جي صوبائي تڪ پي ايس 14 تي وڏو جھٽڪو پيپلزپارٽي ۾ 2 سال اڳ شموليت ڪندڙ جي ڊي اي اڳواڻ مير مظفر علي بروھي اڳوڻي پ پ ايم پي اي مير نادر خان مگسي کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊ مهم هلائڻ تان ناراض ٿي پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تان شھدادڪوٽ جي تڪ تي پيپلزپارٽي جي اميدوار مير نادر خان مگسي سان مقابلي ۾ بيھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ،  مظفر بروھي شھدادڪوٽ ۾ بروھي ھائوس تي اھم پريس ڪانفرنس دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تباهي جو ذميوار پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شھدادڪوٽ جي تباهي جو ذميوار مير نادر مگسي کي قرار ڏيندي پي ايس 14 جي تڪ تي مير نادر مگسي سان مقابلي ۾ بيھڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي، سندن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلزپارٽي ۾ شموليت دوران پارٽي قيادت کي شھدادڪوٽ شهر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو، اهي مسئلا حل نه ڪرڻ ۽ پارٽي قيادت پاران مير نادر خان مگسي ٽڪيٽ ڏيڻ توڙي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊ مهم نادر مگسي کي ذميواري ڏيڻ تان پيپلزپارٽي کي خير باد ڪندي نادر مگسي سان پي ايس 14 تي چونڊن ۾ مقابلي ۾ بيهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، مير مظفر بروهي جو چوڻ هو ته سال 2022 جي برساتي ٻوڏ ۾ قبو سعيد خان، ڪچي پل، شھدادڪوٽ سميت ٻين علائقن کي ٻوڙائڻ جو ذميوار عوام نادر خان مگسي کي قرار ڏنو آهي، ان لاءِ تڪ ۾ نادر خان مگسي جي حمايت ڪرڻ بجاءِ مقابلي ۾ جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تي بيهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي اعلان کانپوءِ پي ايس 14 تي دلچسپ مقابلو ٿيندي نظر اچي رھيو آهي.